امر کهاوڙ

امر کهاوڙ

امر کهاوڙ

امر کهاوڙ: شاعر امر کھاوڙ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد ٻڍل کهاوڙ آهي. هن پھرين جون 1978ع تي ڳوٺ دين محمد کهاوڙ، تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ (1994ع) ۽ انٽر (1996ع) جا امتحان ميرپورماٿيلي مان پاس ڪيا. جڏهن ته بي ايس سي (1998ع) ۽ ايم اي (سنڌي-2000ع) جون ڊگريون شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان حاصل ڪيون. 2013ع ۾ بي اي پڻ ڪئي. 1996ع کان مختلف صنفن ۾ لکڻ جو آغاز ڪيو. علم عروض جي کيس چڱي ڄاڻ آهي. سندس شاعري ٽماهي ’مھراڻ‘، ’سوجهرو‘، ’همرچو‘، ’هزار داستان‘، ’امرتا‘، ’سنڌ راڻي‘، ’سنڌو ڊائجسٽ‘، ’ڪونج‘ (هندوستان)، ’سنڌو‘ (هندوستان)،’موکي‘، ’سنڌ دوست‘، ’تسطير‘ (اردو) ۽ ’ينگ جنريشن‘ ۾ ڇپجي چڪي آهي. هن گهوٽڪي ضلعي جي شاعرن جو گڏيل شعري مجموعو دوست سومري سان گڏ ترتيب ڏئي 2013ع ۾ ڇپايو. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ، ميرپورماٿيلي جو 10 ڀيرا سيڪريٽري ۽ 18-2017ع ڌاري ضلعي رابطا سيڪريٽري رهي چڪو آهي، هن وقت ميرپورماٿيلي ۾ خانگي ڪاليج ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت سان سنڌي پڙهائي رهيو آهي.


لفظ امر کهاوڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.06.01  عيسوي

امر کھاوڙ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد ٻڍل کهاوڙ آهي. هن پھرين جون 1978ع تي ڳوٺ دين محمد کهاوڙ، تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاون علي شاهه
حسن درس
احمد خان اختر
پلي شمس الدين
بهار ٻپڙ
رسول حمزه توف
ٻڍل لاشاري
سرواڻ سنڌي
چغدو حاجي شير محمد ’شيرل‘
’دردي صاحب خان جروار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون